صابل ۽ بهرام جمالي

صابل ۽ بهرام جمالي

صابل ۽ بهرام جمالي 2 ڪتاب

صابل ۽ بهرام جمالي 2 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي لوڪ داستان صابل ۽ بهرام جماليءَ جي قصي تي مشتمل آهي. جنهن جو ليکڪ نامور ليکڪ ۽ محقق نواز ڪنڀر آهي. هن ڪتاب کي هيٺين حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ نڙ جو پسمنظر، نڙ جي ابتدا، جمالين جو مختصر تعارف ۽ بهرام جي وڏن پاران سانگهڙ ڀرسان آباد ٿيڻ، بهرام ۽ صابل جو آبائي علائقو ۽ خاندان، عشق جي ابتدا، بهرام جي نڙ ۾ مهارت، عشق جا مختلف مرحلا، بهرام جون ڪجهه مشهور ڦوڪون ۽ انهن جو پسمنظر، قصي جو وقت يا سن ۽ بهرام جي فن کان پير صاحب صحافي ڌڻيءَ جو متاثر ٿيڻ، بهرام ۽ صابل جي وفات ۽ ابدي آرام جا هنڌ، ۽ هن قصي ۾ ذڪر هيٺ آيل ڪن ماڳن جو تعارف وغيره شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ حوالا ڏنل آهن. ڪتاب جو ‘ناشر پاران’ نوٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن سرفراز راڄڙ ۽ ليکڪ جو تعارف منطور ملاح لکيو آهي. 47 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو